اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فلسطين جي حمايت ۾ پاڪستاني پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي نه ايندي، فلسطين تي پاڪستان جي ??يا??تي پاليسي واضح ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان جي عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي خلاف ڪا به پاليسي يا قدم نه ٿيندا، پاڪستان فلسطين جو مسئلو ۽ اسرائيل بابت پنهنجي روايتي ۽ اصولي موقف تي سختي سان عمل پيرا آهي، پرڏيهي وزارت واضح ڪري چڪي آهي ته پاڪستان مان ڪو به وفد اسرائيل ناهي ويو. پنهنجي پاليسي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي قرارداد موجب فلسطينن جي خودمختياري واري حق جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، هن چيو ته دنيا ٻن ??يا??تي حل کي خطي ۾ پائ??دا?? امن جو ضامن تصور ڪندي آهي، هن چيو ته 1967ع کان پهرين جي سرحدن، بيت المقدس، گادي وارو شهر ۽ جاگرافيائي وحدت رکندڙ فلسطين ??يا??ت جو واعدو پورو ڪيو وڃي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته والاريل فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي ايجنڊا جا پراڻا معاملا آهن، جنهن جو حل عالمي برادري جي ذم??دا??ي آهي انهن ٻنهي مسئلن جي منصفاڻي حل تائين دنيا ۾ پائ??دا?? امن هڪ خواب ئي رهندو، هن چيو ته والاريل فلسطين ۽ غير قانوني طور تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته سستي سياسي شهريت لاءِ هر منفي ??دم کڻندڙ قومي مفاد جو ته خيال ڪن، دوري ۾ شامل پي ٽي وي جي اينڪر کي برطرف ۽ آف ايئر ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل اينڪر پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ دوري تي ويو هو.
فلسطين جي حمايت ۾ پاڪستاني پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي نه ايندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ