اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قوم 74 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ ڇنڇر ڏينهن ملي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب ٿيندي، جڏهن ته سڀني ??وبائي گادي وارن شهرن ۾ به جهنڊو ڦڙڪائڻ جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. ان ڏينهن جي مناسبت سان صدر، وزيراعظم سميت اهم شخصيتن جا خصوصي پيغام جاري ڪي?? ويندا. قائداعظم جي مزار ۽ اقبال جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جون تقريبون به منعقد ٿينديون. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني ??فارتخانن ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ خصوصي تقريبن جو انعقاد ڪيو ويندو. جنهن ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ??امل ٿيندا. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان 1947ع ۾ انگلستان کان آزادي ح??صل ڪري وجود ۾ آيو، 14 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي قومي ڏهاڙي جي طور تي وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي، پاڪستاني ??وام ان ڏينهن پنهنجو قومي جهنڊو هوا ۾ بلند ڪندي پنهنجي قومي محسنن کي خراج عقيدت پيش ڪندي آهي، پارليامينٽ هائوس سميت سڄي ملڪ جي اهم سرڪاري عمارتن تي چراغان ڪيو ويو آهي، انهن تقريبن کانسواءِ نه رڳو ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس سميت اهم عمارتن تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن تي به قومي جهنڊو ڦڙڪائي رهيا آهن، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرنٽ ميڊيا تي خصوصي اشتهار ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خصوصي پروگرام نشر ۽ ٽيلي ڪاسٽ ڪي?? ويندا، سرڪاري طور تي آزادي جو ڏهاڙو انتهائي شاندار طريقي سان ملهائيندي اعليٰ عهديدار پنهنجي حڪومت جي ڪاميابين ۽ بهترين حڪمت عملين جو ذڪر ڪندي پنهنجي عوام سان اهو وچن ورجائيندا ته اسان پنهنجي تن، من ۽ ڌن جي بازي لڳائي به هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين ۽ سدائين پنهنجي اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جي قول ” ايمان، اتحاد ۽ تنظيم“ جي پاسداري ڪنداسين. 14 آگسٽ تي پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي موڪل هوندي، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي واگها بارڊر تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي رنگارنگ تقريب به منعقد ڪئي ويندي، آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن، اسلام آباد جي سڀني ??وڊن تي قومي جهنڊن جي وڪري لاءِ اسٽالز لڳاي?? ويا آهن، جنهن سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيندي ئي هر طرف قومي جهنڊن جي بهار نظر اچي رهي آهي، اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزادي جون تياريون پنهنجي عروج تي آه??، پاڪستان سان گڏوگڏ آزاد ڪشمير جا جهنڊا به اسٽالز تي موجود آهن، سي ڊي اي پ??را?? به قومي جهنڊا لڳاي?? ويا آهن.
قوم 75 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ ملي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا