پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير به وزيراعظم سان گڏ هئ??. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ڪورهيڊڪوارٽرز آمد ت?? وزيراعظم يادگارشهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي کيس سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال، جاري استحڪام جي ڪاررواين، پاڪ افغ??ن بارڊر تي خاردار تار لڳائڻ ۽ نون ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن جي باري ۾ تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي پاڪ افغ??ن بين الاقوامي سرحد ت?? سيڪيورٽي جي بدلجندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل منصوبابندي ک??ن به آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم پاڪستان جي جامع بارڊر مينيجمينٽ رجيم جي افاديت ۽ موثر سرحدي ڪنٽرول ۽ داخلي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل عملي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خيبرپختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن جي تڪميل لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي جيڪا علائقي جي پائيدار استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ اهم آهي، وزيراعظم ڪورونا، ماڪڙ، پوليو جي خاتمي جي مهم ۽ وڻڪاري جي دوران سول انتظاميه جي مدد ت?? به ف??رم??شن جي ڪردار کي ساراهيو.
وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ