اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) اطلاعات، ن??ريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ موجوده حڪومت ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايبٽ آباد ??ري?? ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن جي حل?? برداري واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هزاره جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سردار مهتاب عباسي ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جو ڪردار اهم رهيو آهي، صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيا آهيون، ويج بورڊ صحافين جو بنيادي حق آهي جيڪو جلد انهن تائين پهچندو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صحافين جي تحفظ جي لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي، قانونسازي ۾ ڪئميرا جي پٺيان ڪم ڪندڙ به شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن