اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان ترڪيه جي زلزلي متاثرن لا??ِ 16.5 ٽن وڌيڪ امدادي کيپ رواني ڪئي ??ئي آهي. امدادي سامان ۾ فيملي سائز جا 250 وينٽرائزڊ خيما شامل آهن، اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب امدادي کيپ اسلام آباد ايئرپورٽ تان پي آءِ اي جي جهاز بوئنگ 777 ذريعي ترڪيه رواني ڪئي ??ئي ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير خرم دستگير خان، سفيران وارو وفاقي وزير طلحه محمود ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ موجود هئا. وفاقي وزيرن ترڪيه ۾ خوفناڪ زلزلي جي نتيجي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام هر مشڪل گه??ي ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي، اهو ئي وقت آهي ته اسان انهي جذبي سان پنهنجي ترڪ ڀائرن جي مدد ڪريون.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II