اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي، پريس ڪلب سدائين عو??م جا مسئلا ايوانن تائين پهچايا. لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر ارشد انصاري، سيڪريٽري ز??هد عابد، سينيئر نائب صدر افضال طالب، نائب صدر صائمه نواز، جوائنٽ سيڪريٽري عمران شيخ، فنانس سيڪريٽري سالڪ نواز ۽ نئين چونڊيل گورننگ باڊي کي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته م??لم ليگ (ن) جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، لاهور جي صحافي برادري جو آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي لاءِ اهم ڪر??ار آهي. هن چيو ته پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي، پريس ڪلب سدائين عو??م جا مسئلا ايوانن تائين پهچايا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز