اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف گهريلوصارفين کي گئس سپلاءِ ۾ گهٽتائي جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آهي ته سرديءَ جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃ??، سسٽم جي س??خت ۾ سڌارا آندا وڃ?? ته جيئن ان مسئلي کي مستقل طور تي حل ڪري سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد ??هباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گئس جي سپلاءِ جي حوالي س??ن جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم گهريلو صارفين کي گئس جي سپلاءِ ۾ گهٽتائي جي شڪايتن تي نوٽيس وٺندي يچو ته سرديءَ جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي فوري طور تي يقيني بڻايو وڃ??. وزيراعظم سسٽم جي س??خت ۾ سڌارا آڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ان مسئلي کي مستقل طور تي حل ڪري سگهجي، گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم کي ان موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سسٽم ۾ سرپلس آر ايل اين جي موجود آهي جنهن جي ڪري گئس لوڊ مئنيجمينٽ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتري آئي آهي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال گئس لوڊ شيڊنگ جو وقت گهٽ آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گهريلو صارفين کي صبح 5 وڳي کان رات 10 وڳي تائين گئس فراهم ڪئي پئي وڃ??، پاور سيڪٽر کي پڻ گئس ڊيمانڊ موجب ڏني پئي وڃ??، صارفين جي شڪايتن جي حوالي س??ن ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي جا آن لائين ڊيش بور??ز ڪم ڪري رهيا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايس اين جي پي ايل جي شڪايتن کي حل ڪرڻ جي شرح 93 سيڪڙو جڏهن ته ايس ايس جي سي جي شرح 79 سيڪڙو آ??ي، ملڪ جون سموريون گئس فيلڊز فعال آهن. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم گئس سپلاءِ ۾ گهٽتائي جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو، گهريلو صارفين کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی