رياض- 18 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وز??ر محسن نقوي ڪالهه سعودي عرب جي ??ائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جو تفصيلي دورو ڪيو جتي هن مختلف شعبا گهمي ڏٺا ۽ ڪال سينٽر جو به معائنو ڪيو. گهرو وز??ر محسن نقوي ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ ۾ جديد ڪال سينٽر قائم ڪرڻ جي عمل جي واکاڻ ڪئي. سعودي ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي وقتي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل ڊاڪٽر صالح ال مرابا گهرو وز??ر جي آجيان ڪئي. گهرو وز??ر محسن نقوي ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ ۾ ايڊوانسڊ ٽيڪنالاجي جو جائزو ورتو ۽ پاسپورٽ جي جديد نطام جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي ٿيل ملاقات ۾ پاسپورٽ وصولي کان اها جاري ڪرڻ واري نظام کي آسان بڻائڻ ۽ جعلسازي کي روڪڻ لا??ِ اثرائتن قدمن تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ اي گيٽس تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وز??ر چيو ته پاڪستان ۾ پاسپورٽ نظام کي وڌيڪ آسان ۽ فول پروف بڻائڻ لا??ِ سعودي ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي معاونت فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته گڏيل سهڪار سان عوام کي آساني ٿيندي ۽ دوکيبازي کان به بچڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته سعودي ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي ??ال سينٽر جيان پاڪستان ۾ به ڪال سينٽر ٺاهيو ويندو. سعودي عرب جي سهڪار سان پاسپورٽ ۾ جعلسازي ۽ ڪاغذات ۾ تبديلي ڪندڙن کي پاڪستان ۾ ئي پڪڙي سگهبو. واضح رهي ته پاسپورٽ ۾ تبديلي ۽ جعلي ڪاغذات تي سعودي عرب ويندڙ 3700 پاڪستانين کي سعودي اختيارين پنهنجن هوائي اڏن تي پڪڙيو هو.
جڏهن ته گهرو معاملن واري وفاقي وز??ر سعودي عرب جي ??نگ فهد سيڪيورٽي ڪاليج جو پُڻ دورو ڪيو، هن ڪاليج جي ماسٽر پروگرام ۽ 5 سالن جي اسٽريٽجڪ پلان جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي اداري جي ??ائريڪٽر جنرل ميجر جنرل ڊاڪٽر علي ال دائج محسن نقوي جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٿيل ملاقات ۾ ايڪسچينج پروگرام تحت ٻنهي ملڪن جي ??ريجوئيٽس جي اسٽڊي ٽوئرز ۽ ٽريننگ ڪرائڻ تي پڻ تفصيلي غور ويچار ڪيو. هن کين شاگردن کي اسٽڊي ٽوئر ڪرائڻ لا??ِ پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. پاڪستاني شاگردن کي مختصر مدي جا تربيتي ڪورسز ڪنگ فهد سيڪيورٽي ڪاليج ۾ ڪرائڻ جي به تجويز ڏني. محسن نقوي ڪاليج ۾ قائم فرانزڪ سائنس انسٽيٽيوٽ جو به دورو ڪيو جتي کيس ڪاليج جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گهرو وز??ر کي ٻڌايو ويو ته ڪنگ فهد سيڪيورٽي ڪاليج ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس، ليڊرشپ مينيجمينٽ ۽ سيڪيورتي ايپليڪيشنز ۾ ماسٽر ڊگري ڪرائي ويندي آهي. ڪنگ فهد سيڪيورٽي ڪاليج عالمي يونيورسٽين کي سيڪيورٽي اسڪالرشپس به ڏيندي آهي. جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئرمين محسن نقوي رياض ۾ سعودي عربيه ڪرڪيٽ فيڊريشن جي ??يئرمين شهزاده سعود بن مشعل السعود سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ ۽ رانديگرن جي صلاحيتن ۾ واڌ تي ڳالهيون ڪيون. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سعودي عربيه ڪرڪيٽ فيڊريشن جي ??يئرمين کي چيمپئينز ٽرافي جون ميچون ڏسڻ لا??ِ پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. پي سي بي چيئرمين ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ ۽ اسٽيڊيمز جي تعمير جي حوالي سان هرممڪن سهڪار جي آڇ ڪئي. پي سي بي چيئرمين سعودي عرب جي رانديگرن کي تربيت ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته ڪرڪيٽ جي واڌاري لا??ِ رانديگرن جي مٽاسٽا وارو پروگرام شروع ڪري سگهجي ٿو. سعودي عرب پنهنجن اڀرندڙ رانديگرن کي پاڪستان اماڻي سگهي ٿو ۽ ڪرڪيٽ جي واڌاري ۽ اسٽييمز جي تعمير جي حوالي سان پوري معاونت ڪئي ويندي. سعودي عرب هر پاڪستاني جو ٻيو گهر آهي، سهڪار تي خوشي ٿيندي.سعودي عربيه ڪرڪيٽ فيڊريشن جي ??يئرمين شهزاده سعود بن مشعل السعود چيو ته اسان رانديگرن جي ترقي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ جا اٽڪل 18 هزار رانديگر آهن. سعودي عرب ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو چئلينج ڪپ به کٽيو آهي. پاڪستان سان ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لا??ِ ويجهي سهڪار سان ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا.