اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي و??تي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- آمريڪا لاڳاپن سميت ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي، ان موقعي تي آءِ اين اي ايل جو ڪنٽري ڊائريڪٽر لائن نيلسن پڻ موجود هو. وقتي آمريڪي سفير ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ پوليس ۽ رينجرز اه??ڪارن جي شهادت تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- آمريڪا لاڳاپن سميت ٻه طرفي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جي منعقد ٿيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سفير چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير وقتي آمريڪي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته ايف آءِ اي کي ايف بي آءِ جي طرز تي جديد ترين ادارو بڻائڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ آمريڪا جي سهڪار جي آجيان ڪنداسين. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته آمريڪا ايف آءِ اي کي ايف بي آءِ جي طرز تي جديد رُخن تي آڻڻ ۾ تعاون فراهم ڪندو جڏهن ته آمريڪا نيشنل فرانزڪ ايجنسيءَ کي جديد تقاضائن مطابق فعال ڪرڻ ۾ به معاونت فراهم ڪندو. گهرو وزير چيو ته قانو?? لاڳو ڪندڙ ادارن جي سگهه وڌائڻ ۾ آمريڪي سهڪار انتهائي اه??يت رکي ٿو. دهشتگردي ۽ هنگامي حالتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز کي جديد اوزارن ۽ سامان جي فراهمي و??ت جي اه?? ضرورت آهي. سول آرمڊ فورسز کي جديد اوزارن ۽ سامان سان ليس ڪرڻ اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ بهتري?? لاڳاپا آهن جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته قانوني دستاويز رکندڙ ڪنهن به پرڏيهيءَ کي اسلام آباد مان نه پيو ڪڍيو وڃي، جڏهن ته غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي اسلام آباد ۾ رهڻ جي اجازت هرگز نه ڏني و??ندي. وقتي آمريڪي سفير چيو ته قانو?? لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ تي پاڪستاني عملدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن گهرو وزير کي پوليس آفيسرن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب منعقد ڪرڻ تي به مبارڪ ڏني. ان موقعي تي و??اقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري رفعت مختار راجا پڻ موجود هئا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : números quina hoje