اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪاررواين تي سيڪي??رٽ?? فورسز کي خراج تحسين پيش ڪن??ي چيو آهي ته دهشتگردن کي صوبي جو امن خراب ڪرڻ ۽ ترقي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏي??داسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آواران، ڊيره بگٽي ۽ ڪيچ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪاررواين تي سيڪي??رٽ?? فورسز کي ساراهيو. صدر چيو ته سيڪي??رٽ?? فورسز بلوچستان ۾ مختلف ڪاررواين ۾ 4 دهشتگردن کي بهادري سان جهنم واصل ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن کي بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ، ترقي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏي??داسين ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏي??داسين. آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي جي خلاف فورسز جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. صدر دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
صدر پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : apostas quina