گڏيل قومون – 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 27 سيپٽمبر تي گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس کي خطاب ڪندو، گڏيل قوم?? جي خطاب ڪندڙ?? جي عبوري فهرست اڱاري ڏينهن ڏني وئي جنهن موجب وزيراعظم جي تقرير جي تاريخ 26 سيپٽمبر هئي جڏهن ته پاڪستاني مشن ان تاريخ ۾ تبديلي جي درخواست ڪئي هئي. 193 رڪني اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جو اعليٰ سطحي بحث 24 کان 30 سيپٽمبر تائين ٿيندو. هي ٻيو موقعو هوند?? جڏهن وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قوم?? جي اهم پاليسي ساز اداري جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. ه?? گذريل خطاب 2022ع ۾ ڪيو هو. گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي ترجمان مونيڪا گريلي موجب هيستائين 130 کان وڌيڪ عالمي اڳواڻن ايندڙ ان بحث ۾ شرڪت جي تصديق ڪئي آهي. اهي عالمي امن ۽ سلامتي جي مسئلن تي ڳالهه ڪندا. گڏيل قومن پاران جاري ڪيل خطاب ڪندڙ?? جي عبوري فهرست حتمي نه آهي. گڏيل قومون ان کي سيشن کان اڳ جي هفتن ۾ باقاعدگي سان اپ ڊيٽ ڪندو آهي ته جيئن ان شيڊيول کي ليڊرن، وزيرن ۽ سفير?? جي حاضري، نظام الاوقات ۽ ڳالهائڻ جي جاين ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي موجب بڻائي سگهجي. اسيمبلي جو 79 هون اجلاس جيڪو اصل ۾ 10 سيپٽمبر تي شروع ٿي رهيو آ??ي، اهو اجلاس ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن فلسطين، يوڪرين ۽ سوڊان سميت ڪيترن ئي فعال تڪرارن سان گڏ دنيا ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. پر اسيمبلي جي ايجنڊا جو مقصد هڪ نئين عالمي ترقي جي اهڙي فريم ورڪ جي جوڙجڪ به طئي ڪرڻ آهي جيڪو زمي?? جي حفاظت ڪندو هجي ۽ سمورن ماڻه?? جي لاءِ برابري، انصاف ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيندو هجي. برازيل، جيڪو روايتي طور تي بحث جي شروعات ڪندو آ??ي، 24 سيپٽمبر تي اعليٰ سطحي سربراهي اجلاس جي شروعات ڪندو. ان کانپوءِ ميزبان ملڪ آمريڪا جو صدر جو بائيڊن گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي مشهور هال ۾ عالمي اڳواڻن کي پنهنجي صدارت جو آخري خطاب ڪندو. سيشن کان اڳ گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس گذريل سال جي اداري پاران ڪيل ڪم تي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو. گڏيل قومن سربراهي اجلاس کي هڪ اعليٰ سطحي تقريب جي طور تي بيان ڪيو آهي جنهن جو مقصد هڪ بهتر حال فراهم ڪرڻ ۽ مستقبل جي تحفظ جي لاءِ هڪ نئون عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي. گڏيل قومن موجب موثر عالمي تعاون اسا?? جي بقاءَ جي لاءِ تمام اهم آهي پر پراڻي ڍانچي جو استعمال ڪندي بداعتمادي جي فضا ۾ ان کي حاصل ڪرڻ مشڪل آ??ي، جيڪو اڄ جي سياسي ۽ اقتصادي حقيقت?? جي عڪاسي نه ٿو ڪري. گڏيل قومن موجب طئي ٿيل ٻين اهم اجلاسن ۾ سمنڊ جي سطح ۾ اضافي سان پيدا ٿيندڙ وجودي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مڪمل اجلاس اربع 25 سيپٽمبر، ائٽمي هٿيار?? جي مڪمل خاتمي جي عالمي ڏينهن کي ياد رکڻ ۽ ان کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس خميس 26 سيپٽمبر، ۽ اينٽي مائيڪرو بيل مزاحمت تي اعليٰ سطحي اجلاس خميس 26 سيپٽمبر تي ٿيڻ شامل آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس کي خطاب ڪندو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ