اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پا??ستان هڪ پرامن ملڪ آهي جتي قانون جي حڪمراني آهي، ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ انارڪي پکڙجڻ نه ڏني ويندي، ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي تشدد تي اتساهڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، پا??ستان ڪنهن به صورت ۾ ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز پا??ستان ۾ بي بنياد، ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه پکيڙين، انهن پليٽ فارمز پاران ان عمل کي نه روڪيو ويو ته رياست کي سخت قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خص??صي نم??ئن??ي حافظ طاهر اشرفي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت اظهار راءِ جي آزادي لامحدود نه آهي پر قانون جي تابع آهي، ان تحت عدليه، هٿياربند فوج ۽ ڀائر ملڪن جي خلاف توهين آميز ڳالهه ٻولهه جي اجازت نه آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي تشدد تي اتساهڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن جيڪا قانون جي خلاف سرگرمي آهي، حڪومت اهڙي غيرقانوني سرگرمين جي خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪندي. نگران وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ان ذميواري کان آجا نٿا ٿي وڃن ته انهن جا پليٽ فارمز ڪنهن ملڪ جي اندر امن امان کي خراب ڪرڻ ۽ ماڻهن کي تشدد تي اتساهڻ ۽ نفرت انگيزي جي لاءِ استعمال ٿين، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر)، يوٽيوب، فيس بڪ کي پروپئگنڊه، ڪوڙ، سرڪاري آفيسرن جي ڪردارڪشيءَ ۽ هراسان ڪرڻ جي لاءِ مسلسل استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، لاڳاپيل ڪمپنين کي ان عمل کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پا??ستان ڪنهن به صورت ۾ ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو ته اهي پليٽ فارمز پا??ستان ۾ بي بنياد، ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه پکيڙين، انهن پليٽ فارمز پاران ان عمل کي نه روڪيو ويو ته رياست کي سخت قدم کڻڻا پوندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عدليه جي ڪنهن به فيصلي جي خلاف قانوني نظرثاني جا ذريعا موجود آهن، ڪنهن کي شڪايت آهي ته ان جي لاءِ نظرثاني جي درخواست ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته ڪنهن ک?? به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ ۽ ملڪي امن کي تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پا??ستان هڪ پرامن ملڪ آهي جتي قانون جي حڪمراني آهي، ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ انارڪي ڦهلائڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان پا??ستان ۾ ??هن??ڙ سمورن غيرملڪين کي يقين ڏياريون ٿا ته اهي محفوظ آهن ۽ انهن جي سلامتي کي پا??ستان حڪومت يقيني بڻائيندي.
پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي جتي قانون جي حڪمراني آهي، ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ انارڪي پکڙجڻ نه ڏني ويندي، اظهار راءِ جي آزادي لامحدود نه پر قانون جي تابع آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری