اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي ا??يڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان حل ڪڍيو وڃي، ڪراچ?? جي لاءِ بجل?? جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ بجلي صارفين جي قوت خ??يد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي ا??يڪٽرڪ (ڪي ا??يڪٽرڪ) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس عبدالله علو?? جي قيادت ۾ ڪي ا??يڪٽرڪ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪي ا??يڪٽرڪ مونس عبدالله علوي، چيف فنانس آفيسر ڪي ا??يڪٽرڪ عامر غزيني ۽ ريگيوليٽري آفيسر ڪي ا??يڪٽرڪ عمران قريشي شامل هئا. ان موقعي تي توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي، نيپرا چيئرمين وسيم مختار، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ريحان اختر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي نگران وزيراعظم کي ڪي ا??يڪٽرڪ جي مختلف معاملن تي ب??يفنگ ڏني وئي. وفد نگران وزيراعظم جا ڪي ا??يڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وفد ڪي ا??يڪٽرڪ جي لاءِ 390 ارب رپين جي سيڙپڪاري پلان ۽ قابل تجديد توانائ?? جي 640 ميگاواٽ جي منصوبن جي لاءِ اگهن جي منظوري ۽ 1000 ميگاواٽ اضافي ب??ل?? جي فراهمي تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ ڪي ا??يڪٽرڪ جي گڏيل تعاون سان ڪراچ?? جي لاءِ بجل?? جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي، انهن قدمن سان سيڙپڪارن کي مثبت پيغام مليو آهي. نگران وزيراعظم توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪي ا??يڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان مستقل حل ڪڍيو وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته بجلي صارفين جي قوت خ??يد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي.
ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان حل ڪڍيو وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش