اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 4525 ارب رپيا ماليت جا 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گردش هيٺ آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز جي 5 هزار رپين جي نوٽ بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? ته پنج هزار جو نوٽ پهريون ڀيرو 27 مئي 2006ع تي جاري ٿيو هو، هن وقت ملڪ ۾ 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گدش هيٺ آهن جن جي ماليت 4525 ارب رپيا آهي. هن چي?? ته اسٽيٽ بئ??ڪ جيڪو به ڪرنسي نوٽ جاري ڪري ٿي يا پوءِ ختم ڪري ٿي اهو باقاعده قانون موجب هوندو آهي. هن چي?? ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم ڪري اسٽيٽ بئنڪ ڪجهه وڌيڪ ئي آزاد ڪيو ويو هو، اهو بنيادي اقتصادي پاليسي جو معاملو آهي، مختصر مدي جي لاءِ ايندڙ نگران حڪومت بدران ايندڙ پارليامينٽ اسٽيٽ بئ??ڪ جي آزادي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪري ته مناسب ٿيندو، جيڪڏهن اهو معاملو بحث هيٺ آندو وڃي ته ناڻي واري نگران وفاق?? وزير ان جو جواب ڏيندي، اسان اهي منظر ڏسڻ نه ٿا چاهيون جيڪي اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ ڊي موناٽائيزيشن جي وقت نظر آيا هئا. ان کان اڳ رٿ ت?? ڳالهائيندي سينيٽر محسن عزيز چي?? ته ملڪ ۾ 5 هزار رپين جو نوٽ ناڻي واڌ ۽ بدعنواني جو سبب آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. سينيٽر وليد اقبال چي?? ته 5 هزار رپين جو نوٽ جمع ڪرائيندڙن جو رڪارڊ پڻ جوڙڻ گهرجي.
ملڪ ۾ هن وقت 4525 ارب رپيا ماليت جا 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گردش هيٺ آهن: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha