نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عالمي سطح تي وبائي مرضن جي ڦهلاءُ جي صورت ۾ حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻي رويو نه رکڻ گهرجي، ڪورونا وائرس جي روڪٿام ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي ٻيهر نه ورجائڻ جي لا??ِ قدمن جي ??رو??ت آهي، وبائي مرضن جي روڪٿام جي لا??ِ ويڪسينز جي دستيابي هر هڪ جي لا??ِ ممڪن بڻائڻ ??رو??ي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي وبائي مرضن جي روڪٿام، تياري ۽ ردعمل جي موضوع تي سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس سان ڪروڙين ??اڻهو متاثر ٿيا، انهن کي لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو پيو، عالمي واپار ۽ معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته خوش قسمتي سان سائنسدانن جي ڪورونا وائرس جي ويڪسين ??اهڻ سان دنيا ۾ اميد پيدا ٿي، ويڪسين جي ورڇ ۾ اڻبرابري سامهون آئي، غريب ۽ امير ملڪن جي وچ ۾ ان ويڪسين تي سيڙپڪاري ۾ فرق نظر آيو، حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻو رويو نه رکڻ گهرجي. هن چيو ته مستقبل ۾ صحت بابت بحران دوران ماضي جون اهي خاميون نه ٿيڻ گهرجن، سائنسي دريافتن ت??ئين ??هچ زندگيون بچائڻ جي لا??ِ لا??مي آهي، ان کي دنيا جي ڀلائي لا??ِ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪمرشل ۽ پرائيويٽ ڪمپنين جو طبي اوزارن ۽ ويڪسين جي ورڇ ۽ پهچ تي مڪمل اختيار نه هجڻ گهرجي، صحت جي عالمي اداري تحت ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، واپاري توازن قائم ڪيو وڃي، صحت جون دوائون بنا فرق تياري، پهچ ۽ اسرندڙ ملڪن کي ٽيڪنالاجي جي پهچ يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي صحت بابت هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ تياري ڪئي وڃي، ان جي لا??ِ ساليانو 30 ارب ڊالر جي ??رو??ت آهي، عالمي برادري کي اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ ٺوس تياري ۽ ڪوششن جي ذريعي پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ وبائي مرضن کان بچڻ جي لا??ِ قدمن کي عملي شڪل ڏئي سگهجي.
عالمي سطح تي وبائي مرضن جي ڦهلاءُ جي صورت ۾ حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻي رويو نه رکڻ گهرجي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی