ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ر??اني کر ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها ملاقات افغانستان جي پا??يسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ٿي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن ۾ پا??ستان ۽ ايران جي ڀائراڻن ل??ڳاپن کي مضبوط ??ڻائڻ جي پا??ستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وزيرن چيو ته پا??ستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ وسيع گنجائش موجود آهي. هن مختلف اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن پولان – گبد/ گوادر بجلي ٽرانسميشن ل??ئين کي مڪمل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪا ٻنهي ملڪن جي سرحدي علائقي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪندي. مملڪتي وزير حنا ر??اني کر سرحدي علائقي جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اضافي جي لاءِ سرحدي بازارن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ مملڪتي وزير حنا ر??اني کر افغانستان سميت علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي ويجهي رابطي ?? رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي ايران جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب