سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ تنظيمن چيو آه?? ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪش??ير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آه??، ڇو ته ڀارت 1947ع ۾ ان ڏينهن ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اصول جون ڌڄيون اڏائيندي ۽ ڪشميرين جون خواهشون پائمال ڪندي ڄمون ۽ ڪش??ير تي قبضو ڪري ورتو هو. ڪش??ير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ فردوس احمد شاهه، زمروده حبيب، خادم حسين، سبط شبير، ياسمين راجا، ڊاڪٽر مصعب، مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير، پيپلز ليگ ڄمون ۽ ڪش??ير پنهنجي بيانن ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪش??ير جا ماڻهو آزادي جي لاءِ پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيندا. هن چيو ته هٺ ڌرمي جي ڪري ڄمون ۽ ڪش??ير دنيا جو سڀ کان وڏو فوجي گهيري وارو خطو بڻجي چڪو آه??.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia