اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏ??ل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب متاثر پاڪستان سان يڪ??هت?? جي اظهار لاءِ اڄ جمعي کان پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل 9 کان 10 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي ۽ قدرتي آفت جو مقابلو ڪند?? پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان يڪ??هت?? جو اظهار ڪرڻو آهي، گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دوري دوران پاڪستاني قيادت ۽ اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ هو موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهي جي قومي ۽ عالمي رد عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، سيڪريٽري جنرل موسمياتي تباهي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو به ڪندو جتي هو بي گهر خاندانن ۽ متاثر علائقن ۾ شروعاتي بچاءُ ۽ امدادي ڪارروايون ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ترجمان موجب گڏ??ل قومن جو سيڪريٽري جنرل لکين متاثر ماڻهن لاءِ حڪومت جي بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن جي حمايت ۾ گڏ??ل قومن جي انساني امدادي ڪم جي نگراني ڪندو. گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو دورو ان قدرتي آفت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جي باري ۾ عالمي بيداري کي وڌيڪ هٿي وٺرائيندو. گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو اهو دورو 33 ملين متاثر پاڪستانين جي انساني ۽ ٻين ضرورتن لاءِ هم آهنگ ۽ جامع عالمي رد عمل کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي فلڊ ريسپانس پلان جي فنڊنگ لاءِ 160 ملين آمريڪي ڊالرن جي گڏ??ل قومن جي ”فليش اپيل“ جي 30 آگسٽ تي اسلام آباد ۽ جنيوا ۾ هڪ ئي وقت منعقد ٿيندڙ لانچنگ تقريب ۾ هڪ طاقتور وڊيو پيغام ۾ فعال طور تي حمايت ڪئي، گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل مسلسل اهڙي طرح جي آفتن کي موسمياتي تبديلي جي اثرن سان جوڙڻ تي زور ڏيندو رهيو آهي ۽ هو عالمي برادري کي خبردار ڪندو رهيو آهي ته جيڪڏهن موسمياتي تبديلين کي وقت سر ۽ موثر طريقي سان حل نه ڪيو ويو ته ان سان اسان جا سيارا سنگين خطرن جي ور چڙهيل هوندا، گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان جو دورو ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۽ مستقبل ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي پائيدار عالمي حمايت جي اهميت کي به اجاگر ڪندو.
گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس اڄ پاڪستان جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil