بيجنگ – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏ پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي چين جي ??ن ڏينهن جي دوري تي آهي ۽ هو ڏکڻ چين جي شهر گوانگ زو ۾ آهي جيڪو چين جي صوبي گوانگ ڊونگ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ گادي وارو شهر پڻ آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان زاولي جيان پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ چين کي پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي ??يام جي 71 هين سالگره?? تي مبارڪباد پڻ ڏني. چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 71 هين سالگرهه جي ??وقعي تي اسان ان ڳالهه کي ورجايون ٿا ته اسان پنهنجي ??ضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، اسٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط ڪنداسين، ماحولياتي رابطن کي مستحڪم بڻائيندي عوام سان عوام جي ??چ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏنو ويندو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃبو. پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ سفارتي لاڳاپن جي ??يام جي 71 هين سالگرهه جي ??وقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به 21 مئي کان چين جي ??ن ڏينهن جي دوري تي آهي. 21 مئي 1951ع تي پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا. پاڪستان چين کي تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن مان هڪ ۽ چين سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪندڙ پهريون اسلامي ملڪ آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏ پاڪستان ۽ چين ۾ سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ ڪاٽيو
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس