اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين اتحادي پارٽ??ن جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. اهرن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتح??ل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، عوام کي مهانگائي جي ڌٻ?? مان ڪڍڻ ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري قدم بحث هيٺ آيا. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ ضرورت جي ش??ن جي گهٽ اگهن تي دستيابي جي عزم کي ورجايو ۽ چ??و ته ان سلسلي ۾ دستياب وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چ??و ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين اتحادي پارٽ??ن جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو و??و ته جمهوريت ۽ آئ??ن جي پاسداري ئي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي ضامن آهي.
ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس