اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي پهچ وڌائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن پوري ملڪ ۽ خاص طور تي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ احتياط ۽ علاج جي خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ جي صحت جي شعبي کي طبي پيشيوار ما??هن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ جي ڪري مختلف چئلينجز درپيش آهن، اميد آهي ته صحتمند جوان پروگرام ڪميونٽي جي سطح تي خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام تحت صحتمند جوان پروجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معامن محمد عثمان ڊار، گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ جي نمائندي ڊاڪٽر بختيار قادروف، پاپوليشن فنڊ جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر بختيار قادروف صحتمند جوان پروگرام بابت آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان منصوبي جو مقصد نوجوانن جي شموليت جي ذريعي ما??هن جي صحت ?? ڀلائي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ٻڌايو ته صحتمند جوان پروگرام جا مقصد هيلٿ ڪوريج کي وڌائڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سيالڪو?? کي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي شموليت ۽ ڪميونٽي خدمتن تي ٻڌل سمارٽ نيٽ ورڪ جي ذريعي صحت جي ڪوريج کي وڌائڻ جي هڪ پائليٽ پراجيڪٽ جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. صدر صحتمند جوان پراجيڪٽ ۾ تعاون وڌائڻ تي گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ کي ساراهيو.
ليڊي هيلٿ ورڪرز جي پهچ وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil