اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير ڪونينوري ماتسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. جاپاني سفير پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ته ٽيوٽا ڪمپني پاڪستان ?? هائبرڊ ڪارسازي جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري جو ارادو رکي ٿي، ان کانسواءِ جاپان پاڪستان مان تربيت يافته افرادي قوت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي?? آهي، ان ڏس ۾ هڪ هزار انجنيئرز جا انٽرويو مڪمل ڪيا ويا آهن. جاپاني سفير چيو ته پاڪستان ۾ فوڊ پراسيسنگ پلانٽس لڳائڻ جي لاءِ جاپان جي ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين گه??ي دلچسپي جو اظهار ڪي?? آهي. جاپاني سفير وڌيڪ چيو ته جائيڪا ملتان ۾ پاڻي جي نيڪالي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ قدم کڻندي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳ??پن جي فروغ جي حوالي سان جاپاني سفير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ جاپاني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي سميت ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا