اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي مسودي تي سمورين ڌرين سا?? اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت نه آهن، ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ ڪجهه سا??ن ۾ 25 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، ??اڪ??تان برطانيا سا?? ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، اميد آهي ته برطانوي ??ڪومت ??اڪ??تان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي سا?? پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل ??اڪ??تان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سا?? ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ??اڪ??تان ۾ تج??يز ڪيل ??اڪ??تان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي بابت آگاهه ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو مقصد ميڊيا جي ترقي ۽ موثر استحڪام جي لاءِ ٺوس موقف کي يقيني بڻائڻ ۽ ميڊيا پريڪٽيشنرز ۽ ڪنزيومرز کي ون ونڊو آپريشن فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري قدرن جو تحفظ، فروغ ۽ تنقيد جو حق ڪنهن به مهذب جمهوري معاشري جي لاءِ لازمي آهي. چوڌري فواد حسين برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ته هن وقت 7 ريگيوليٽري باڊيز ميڊيا جي ادارن کي هلائي رهيون آهن جن ۾ پيمرا، پريس ڪائونسل آف ??اڪ??تان، ??اڪ??تان ٽيلي ڪام اٿارٽي، سينٽرل بورڊ آف فلمز سينسرز، پريس رجسٽرار آفيس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن ۽ امپلي مينٽيشن ٽربيونل فار ني??ز پيپرز ايپملائيز شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت نه آهن ريگيوليشن جي موجوده طريقيڪار تحت اٽڪل اڌ درجن فرسوده قانون موجود آهن جيڪي ميڊيا جي جديد دور جي گهرجن کي پورو نه ٿا ڪن. هن چيو ته تج??يز ڪيل فريم ورڪ عالمي طريقن موجب چئلينجز کي ختم ڪندو ته جيئن ??اڪ??تان کي ملٽي ميڊيا انفارميشن اينڊ ڪانٽينٽ سروسز جي لاءِ هڪ وڏو عالمي مرڪز بڻائي سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جديد دور جي گهرجن موجب هڪ واحد قانون آڻڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ ميڊيا پليٽ فارمز ۽ شهرين جي لاءِ سهولتن تي ڌيان هجي. هن چيو ته تج??يز ڪيل ??اڪ??تان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ترقي، جدت، ڊيجيٽل معيشت تربيت ۽ تحقيق تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته ??اڪ??تان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ پريس ڊائريڪٽوريٽ، ڊيجيٽل ميڊيا اينڊ فلم ڊائريڪٽوريٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ، ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل هوندا. هن چيو ته هڪ جمهوري معاشرو هجڻ جي ڪري ??اڪ??تان ۾ ميڊيا جو هڪ متحرڪ منظرنامو آهي، ??اڪ??تان ۾ 114 سيٽلائيٽ ٽيليويزن چينلز ڪم ڪري رهيا آهن جن مان 31 ني??ز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جا چينلز آهن، اهڙي طرح ??اڪ??تان ۾ ايف ايم چينلز جو مجموعي انگ 258 آهي جن مان 196 ڪمرشل ۽ 62 نان ڪمرشل آهن. هن ٻڌايو ته اطلاعات واري مملڪتي وزير جي صدارت ۾ قائم ڪميٽي نجي شعبي جي ڌرين سا?? مشاورت جو سلسلو جاري رکيو آهي، ان ڪميٽي اي پي اين ايس، سي پي اين اين، پي بي اي ۽ پي ايف يو جي جي عهديدارن ۽ پريس ڪلبن سا?? اجلاس منعقد ڪيا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي برطانوي هاءِ ڪمشنر تج??يز ڏني ته پي ايم ڊي اي جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. هن چيو ته سمورين ڌرين کي يقين ڏياريو وڃي ته هي اٿارٽي صحافين جي سهولت لاءِ آهي جڏهن ته ان سا?? تنقيد جو حق متاثر نه ٿيندو. ملاقات ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته برطانوي ??ڪومت ??اڪ??تان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي سا?? پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪندي ڇو ته حڪومت ??اڪ??تان ۾ ڪوويڊ 19 جي انگن اکرن جي حوالي سا?? برطانيا جا ڪيترائي خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil