اسلام آباد ?? 17 ??گسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ڊينمارڪ جي وزيراعظم مي??ي فريڊرڪسن ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ڊينمارڪ جي وزيراعظم س??ن ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪيو ۽ سموري افغان عوام جي تحفظ، سلامتي ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم افغانستان مان سفارتي اهلڪارن ۽ عالمي تنظيمن جي عملي ۽ ٻين جي افغانستان مان نڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار طور پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ڊينمارڪ جي وزيراعظم افغانستان مان ان سلسلي ۾ نڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت ۽ امداد تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک