اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان برطانوي هائوس آف ل??رڊ?? جي ميمبر لارڊ واجد خان پرڏي??ي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، ڪشمير مسئلي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي برطانوي هائوس آف ل??رڊ?? جو ميمبر چونڊجڻ تي لارڊ واجد خان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان برطانيه سان پنهنجن ٻه طرفن ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستانين ج?? وڏو انگ برطانيه ۾ ترسيل آهي جيڪو مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. لارڊ واجد خان ڪورونا عالمي وبائي صورتحال سبب برطانيه ۽ يورپي ملڪن ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي درپيش مسئلن کان پرڏي??ي وزير کي آگاهه ڪيو. پرڏي??ي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي ڀلائي اسان ج?? حڪومت جي اهم ترجيحات ۾ شامل آهي. پرڏي??ي وزير پاڪستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سياسي، واپاري ۽ ڊگهي مُدي وارن ناتن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش