پشاور – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??زيراعظم عمران خان سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ جي وڪري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سينيٽ چونڊون شفاف ڪرائڻ تي مخا??ف ڌر جو احتجاج سمجهه کان مٿي آهي، مخا??ف ڌر پراڻو پاڪستان چاهي ٿي، جتي ضمير وڪرو ڪيا وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ سينيٽ چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت هڪ ٺوس طريقيڪار جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن ڪو به مستقبل ۾ چونڊن جي نتيجن جي ساک ۽ غيرجانبداري تي آڱر کڻڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. هن چيو ته آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف اليڪشن جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ جو اخلاقي بنياد مهيا ڪري ٿي ۽ حڪومت جا چونڊ سڌارا سينيٽ چونڊن سميت چونڊن جي ساک، غيرجانبداري ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته چونڊ سڌارا آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ بدرا?? مخا??ف ڌر سينيٽ چونڊن ۾ کليل راءِ شماري جي مخالفت ڪري رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي، جيڪو چونڊ عمل دوران هارس ٽريڊنگ ۽ بدعنواني جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته ??يپلزپارٽي ۽ پي ايم ايل (ن) سميت مخا??ف ڌر جون پارٽيون جن 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن کانپوءِ 10 سالن تائين ملڪ تي حڪمراني ڪئي، سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ، بدعنواني ۽ وڪري ۽ ووٽ جي خريداري لاءِ چونڊ سڌارن جي لاءِ ڪو طريقيڪار تيار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ??خا??ف ڌر اڃا به چونڊ سڌارن جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي جن جو م??صد سينيٽ چونڊن ۾ بدعنواني، ووٽن جي خريد ۽ وڪري ۽ هارس ٽريڊنگ جي امڪانن کي ختم ڪرڻ آهي جنهن جو ماضي ۾ مشاهدو ڪيو ??يو آهي. هن چيو ته حڪومت بدعنواني ۽ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي لاءِ سينيٽ چونڊن دورا?? مخا??ف ڌر کي اوپن بيلٽنگ جي آڇ ڪئي آهي پر ان اهم قانونسازي جي خلاف مخا??ف ڌر جو ردعمل افسوس جوڳو آهي. هن چيو ته آئون هڪ سوال پڇان ٿو ته ??ارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي ۾ ڪجهه ميمبرن جي نمائندگي رکندڙ سياسي پارٽي سينيٽ چونڊن ۾ ڪيئن هڪ سيٽ کي محفوظ بڻائيندي، مخا??ف ڌر ماضي مان سبق ناهي سکيو ۽ سينيٽ چونڊن ۾ سياسي وفاداري خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.
وزيراعظم عمران خان سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ جي وڪري کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria