اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) صد?? ممنون حسين چيو آهي ته نيب جا آفيسر ا??تهائي ايماندار ۽ غير جانبدار هجڻ گهرجن، ڇو ته بد??نواني کان پاڪ انتظاميه ۽ درست فصلا ئي نيب جي سڃاڻپ ٿي سگهن ٿا، هن اها ڳالهه نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر طرفان جاري بيان موجب نيب چيئرمين ان موقعي تي صدر کي پنهنجي اداري جي ڪارڪردگي رپورٽ به پيش ڪئي جنهن کي ساراهيندي صدر چيو ته بد??نواني جي خاتمي جو بنياد هر هڪ سان هڪجهڙو سلوڪ ۽ ام??يا?? کان پاڪ ڪارروائي آهي ته جيئن قومي ادارن تي عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي. هن چيو ته بد??نواني جو خاتمو انهي صورت ۾ ممڪن آهي جيڪڏهن انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وڃن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن