اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪمند جي آبادگارن جي مسئلن کان چڱي ريت آگ??هه آهي، جڏهن ته ڪڻڪ جي خريداري ۽ مقرر قيمتن جي ادائيگي کي يقيني بڻائڻ صوبائي حڪومتن جي دائري ۾ اچي ٿو، صوبا ان ڏس ۾ پنهنج??ن ذميواريون پوريون ڪن. هن اها ڳالهه قومي غذائي تحفظ واري مملڪتي وزير سيد اياز علي شاهه شيرازي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سنڌ صوبي ۾ ڪمند جي آبادگارن کي انهن جي فصل جي خريداري ۽ مقرر قيمتن تي ادائيگين جي حوالي سان درپيش مسئلن جي حوالي سان آگ??هه ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا