اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ ??ي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان جي خلاف مخصوص الزامن کي ??د ڪري ڇڏيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اسان پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جي ذميدارن سميت افغان سرزمين تي دهشتگردن ۽ شرپسندن جي ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ موثر ۽ فوري آمريڪي عسڪري ڪوششن جا خواهشمند آهيون، افغان جنگ پاڪستان ۾ نٿي وڙهي سگهجي، پاڪستان افغانستان ۽ وسيع تر خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو رهندو. ان ڳالهه جو اظهار قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جيڪو ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ج?? صدارت ۾ منعقد ٿيو.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ