اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ اهڙو شخص جيڪو پن??نج?? 10 سال پراڻي مالي معاملن جو حساب پيش نه ڪري سگهيو اهو وزيراعظم ۽ سندس خاندان کان 70ع جي ڏهاڪي جو حساب گهري رهيو آهي. پن??نج?? هڪ بيان ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته ع??ران خان سپريم ڪورٽ آڏو تسليم ڪيو ت?? وٽس لنڊن فليٽن جي وڪري کان اڳ جي پن??نج?? ٽيڪس ريٽرنز جو رڪارڊ نه آهي ۽ پوري ڪوشش جي باوجود هو ان کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جڏهن ته ان جي باوجود عمران خان چاهي ٿو ت?? سپريم ڪورٽ کيس ان حوالي سان بري الذمه قرار ڏي. مريم اورنگزيب ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ت?? هڪ طرف ته ع??ران خان چاهي ٿو ت?? وزيراعظم ۽ سندس خاندان کي رڪارڊ جي غيرموجودگي تي سزا ملي جڏهن ته ٻئي طرف هو ان ئي حوالي سان پاڻ لاءِ ڇوٽ گهري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز