اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن ??قبال چيو آهي ته پاڪستان کي بي شمار معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان تر??يا??ي بجيٽ جي غلط استعمال جي سٽ نٿا سهي سگهون، اسان کي قرضن بدران ملڪي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو، 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرن جي معيشت بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پي ايس ڊي پي 24-2023ع جي سالياني جائزي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ احسن ??قبال چيو ته موجوده معاشي حالتن ۾ تر??يا??ي بجيٽ بڻائڻ وڏو چئلينج هو، تر??يا??ي بجيٽ جي استعمال ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن، ڪنهن جي نااهلي جو نتيجو معاشي بحران جي صورت ۾ ڀوڳي رهيا آهيون، هن چيو ته 2013ع ۾ تر??يا??ي بجيٽ رڳو 340 ارب روپين تائين محدود هو، اسان 2018ع تائين ان کي هڪ هزار ارب روپين تائين پهچايو. 2018ع ۾ نالي ماتر تبديلي مڙهي نه وڃي ها ته اڄ اها تر??يا??ي بجيٽ 3 هزار ارب روپئين تائين پهچي چڪي هجي ها. اڄ 2024ع ۾ مشڪل سان 1100 ارب جي تر??يا??ي بجيٽ تي پهتا آهيون. 1100 ارب روپين جو بجيٽ ان ڳ??لهه جو ثبوت آهي ته اسان کي تر??يا??ي منصوبن تي ڪيتري قدر سمجهوتو ڪرڻو پيو. هن چيو ته ظلم اهو آهي ته 2018ع ۾ تر??يا??ي بجيٽ جو 12 سي??ڙو هو اڄ گهٽجي چار سي??ڙو تائين اچي ويو، جيڪڏهن ملڪ ۾ پاليسي جو تسلسل هجي ها ته اڄ تر??يا??ي بجيٽ 15 سي??ڙو تائين پهچي چڪو هجي ها. وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي ته هو تر??يا??ي بجيٽ جو مطالبو يا منصوبو ٺاهيندي وقت قومي ترجيحن جو خيال رکن.وفاقي وزير ??يو ته اسان تر??يا??ي بجيٽ جي غلط استعمال جي سٽ نٿا سهي سگهون، تر??يا??ي بجيٽ جي حوالي سان اسان کي پنهنجي ترجيحن جو نئين سري سان تعين ڪرڻو پوندو. اڄ بجيٽ، سبسڊيز، پگهارن ۽ پينشن سميت ڪيترائي معاملا قرضن ذريعي هلايا پيا وڃن. هن چيو ته 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جي معيشت بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. اسان کي قرضن بدران ملڪي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. حڪومتي آمدني وڌائڻ ۽ خرچن ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته اهڙن منصوبن جي شروعات ئي نه ڪئي وڃي جنهن جو عوام جي زندگين تي ڪو به اثر نه هجي.
پاڪستان کي بي شمار معاشي چئلينجز درپيش آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس