اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان کي ڀ??رت ۾ تابڪار مواد جي چوري ۽ غيرقانوني وڪري جي بار بار پيش ايندڙ واقع?? جي رپورٽس تي سخت ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ تابڪار مواد سان گڏ هڪ گينگ جي گرفتاري تي پاڪستا?? جي ردعمل بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته تازي واقعي ۾ هڪ انتهائي تابڪار ۽ زهريلو مواد ڪيليفورنيم غيرقانوني طور تي ماڻه?? جي هڪ گروهه جي قبضي ۾ ڏٺو ويو، جنه?? جي ماليت 100 ملين ڊالر آهي، 2021ع ۾ ڪيليفورنيم جي چوري جا 3 واقعا به رپورٽ ٿيا هئا، گذريل مهيني 5 ماڻهو ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ سينٽر (بي اي آر سي) مان مبينا طور تي چوري ٿيندڙ تابڪار ڊيوائيس سان گڏ دهرادون ۾ ڏٺا ويا هئا. ترجمان چيو ته بار بار ٿيندڙ اهي واقعا نئين دهلي پاران ائٽمي ۽ ٻئي تابڪار مواد جي حفاظت لاءِ ک??يل قدمن تي سواليه نشان آهن. هن چيو ته اهي واقعا ڀارت ۾ حساس، ٻٽي استعمال جي مواد جي بليڪ مارڪيٽ جي وجود جي به نشاندهي ڪن ٿا، عالمي برادري ڀ??رتي عملدارن کان ان ڳالهه تي سنجيدگي سان پڇاڻو ڪرڻ جي خواهشمند آهي ته ڪيليفورنيم وانگر هڪ سيل شده تابڪار ماخذ (ايس آر ايس) مواد ڪهڙي طرح پڪڙجي ويل ماڻه?? جي قبضي ۾ هو. ترجمان چيو ??ه ڀارت ۾ اهڙي طرح جي حساس مواد جو غلط هٿن ۾ وڃڻ جو معمول خطرناڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن واقع?? جي مڪمل جاچ ۽ انهن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ مناسب قدم?? جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان کي ڀارت ۾ تابڪار مواد جي چوري ۽ غيرقانوني وڪري جي بار بار پيش ايندڙ واقعن جي رپورٽس تي سخت ڳڻتي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج