اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عر??ق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پ??ڪستان جي حمايت کي ورجائيندي دهشتگردي جي خلاف ??نگ ۾ عر??قي حڪومت جي ڪاميابين ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پ??ڪستان جي دوري تي آيل عر??ق جي پرڏيهي وزير فواد حسين ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل آهن. هن عر??ق سان پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم عر??ق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پ??ڪستان جي حمايت کي ورجايو، دهشتگردي جي خلاف ??نگ ۾ عر??قي حڪومت جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ خاص طور تي عر??قي عوام جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير سان مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن سان گڏوگڏ مسلمان امت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن ۽ اسلامي ملڪن کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن جي اهميت تي ز??ر ڏنو. عر??قي پرڏيهي وزير شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي او آءِ سي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيو.
وزيراعظم پاران عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن