اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي ??اڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻط??في تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان برطانيه سان ٻطرفي ??اڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ??اڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ برطانيه ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستانين جو ڪردار خ??وصي اهميت رکندڙ آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان برطانيه سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جو خو??هش??ند آهي، برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻرطرفي ??اڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج