اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??ڏيل عرب ا??ار??ت وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، يو اي اي ۾ 16 لک پاڪستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ٻي وڏي محفوظ جڳهه آهي، يو اي اي ڪوويڊ کانپوءِ سڀ کان وڏو ايونٽ ايڪسپو 2021ع منعقد ڪرڻ وڃي رهيو آهي جنهن تي ان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن گڏيل عرب ا??ار??ت جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دبئي ۾ ٿيندڙ ايڪسپو 2021ع ۾ هن ڀيري پ??هن??ي طرز جو هڪ منفرد پاڪستاني پويلين هوندو، واپار واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت ان ايڪسپو ۾ شرڪت جي لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهي آهي. خطي جي صورتحال بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي مخلصاڻي ڪوششون ڪيون. هن چيو ته ??ابل مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ اسان جي ڪردار کي پوري دنيا ساراهيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان موقعي تي يو اي اي جي سفير چيو ته ??ڏيل عرب ا??ار??ت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ اڻٿڪ ڪردار ادا ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ، افغانستان ۽ خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام