ڪولمبو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي سريلنڪن هم منصب مهندا راجا پاڪسي جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا پهچي ويو آهي. سريلنڪا جي وزيراعظم مهندا راجا پاڪسي ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو، ٻا??ن وزيراعظم کي گلدستا پيش ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ سريلنڪا جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ توپن جي سلامي ڏني وئي. وزيراعظم گارڊ آف آنر جو ??عائنو ڪيو، ان کانپوءِ سريلنڪا جي وزيراعظم، وزيراعظم عمران خان جو سريلنڪن ڪابينا ۽ وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي وزيراعظم کي پنهنجي وفد جي مي??برن سان تعارف ڪرايو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جو ??اپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس ب??اري به دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جو سريلنڪا جو اهو پهريون دورو آهي.
وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی