رياض – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئين پاڪستان جو مطلب پاڪستان کي اسلا??ي فلاحي ۽ جمهوري رياست بڻائڻ آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، مالياتي خسارو، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻڻ لا??ِ حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا آهيون، بدعنواني جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت امن ۽ اس??حڪ??م جي آهي، ڀارت سميت پاڙيسري ملڪن سان امن جا خواهشمند آهيون، معدنيات، ??ائ??سنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻاهرين سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، سمنڊ پار پاڪستانين کي قانوني ذريعن سان مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ جي لا??ِ متوجهه ڪيو پيو وڃي. هو سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ”مستقبل ۾ سيڙپڪاري جا موقعا“ جي عنوان سان ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي سوالن جوابن جي ويهڪ ۾ ڳال??ائ?? رهيو هو.
نئين پاڪستان جو مطلب ملڪ کي اسلامي ۽ جمهوري رياست بڻائڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز