اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آه?? ته پاڪستان ايران سميت سمورن پاڙيسرين سان واپار جو خواهشمند آه??، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعميري ۽ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آه??ون، پاڪستاني معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ اسان جو اهم ترين هدف آه??. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ ايران جي سفير مهدي هنردوست سان ڳالهائيندي چئي جنهن بني گالا ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. عمران خان چيو ته پنهنجي سلامتي جي تحفظ لاءِ ايران جو ڪردار تحسين جوڳو آه??. تحريڪ انصاف ميڊيا سينٽر موجب ايران جي سفير مهدي هنردوست پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي ايراني صدر پاران مبارڪباد جو پيغام پهچايو.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ