مري – 02 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جمهوري تسلسل کي چئن ڏينهن ۾ وڏي اڪثريت سان بحال ڪيو آهي، حڪومت جي پاليسين کي برقرار رکنداسين، ڪابينا تي مشاورت ٿي آهي، ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا حلف ??ڻندي، ڪابينا جي حلف برداري کانپوءِ نواز شريف لاهور ويندو. مري ۾ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻن خواجه محمد آصف، احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، مشاهد الله خا?? ۽ ??ين سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان ڪابينا جي جوڙجڪ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا حلف ??ڻندي. هن چيو ته ملڪ ۾ سي پيڪ، سيڙپڪاري، توانائي جي منصوبن، ڊيم?? ۽ ??وٽرويز سميت ٻين منصوبن کي اڳ کان وڌيڪ تيز رفتاري سان مڪمل ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ