اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي ??زي?? مر??م اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اقتدار جي حوس ۽ لالچ ۾ مبتلا آهي، عمران خان رڳو شيرواني پائڻ چاهي ٿو ۽ هو ان جي لاءِ هر اهو رستو اختيار ڪري رهيو آهي جيڪو کيس اوستائين پهچائي، هڪ اهڙو شخص جيڪو پاڻ اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ ڪيس جو جواب نه ٿو ڏي اهو ٻين جي احتساب جي ڳالهه ڪهڙي منهن سان ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هاڻي ڪجهه ٻاهريون طاقتون اندروني ماڻهن سان گڏجي ڪوشش ڪري رهيون آهن ته پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جو جيڪو سفر شروع ڪيو آهي ان تان ٿ??ي وڃي. هن چيو ته سمورين سرويز ۽ ت??زين چونڊن جي نتيجن موجب ??زي??اعظم محمد نواز شريف سڀ کان مقبول اڳواڻ آهي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي. هن چيو ته اڪنامڪ انٽيليجنس يونٽ جي تازي سروي به ان ڳالهه جي عڪاس آهي. مملڪتي ??زي?? جو چوڻ هو ته ڊگهي عرصي کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل بحال ٿيو آهي.
عمران خان اقتدار جي حوس ۽ لالچ ۾ مبتلا آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔