انقره-06مارچ(اي پي پي)ترڪيه جي صدر رج?? طيب اردگان چيو آهي ته اسرائيلي آبادڪار اسرائيل – فلسطين تڪرار جي حل ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهن. ميڊيا رپورٽن موجب غزه ۾ جنگ بندي جي ڪوششن جي حوالي سان ڳالهين لاءِ ترڪيه جي دوري تي آيل فلسطيني هم منصب سان گ?? پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسرائيل – فلسطين تڪرار جي حل جي رس??ي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اسرائيلي آبادڪار آهن جن فلسطينين جي زمينن تي قبضو ڪيو ۽ چوري ڪئي،هن رمضان المبارڪ دوران والاريل بيت المقدس ۾ مسجد الاقصيٰ تائين ب??ا ڪنهن رڪاوٽ جي رس??ئي جو مطالبو ڪيو،هن چيو ته بنياد پرست اسرائيلي سياستدانن پاران مسلمانن جي داخلا تي پابندي لڳائڻ وارو مطالبو غلط آهي،ان قسم جي قدمن جا نتيجا سنگين نڪرندا،ان موقعي تي فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته رمضان المبارڪ شرو?? ٿيڻ وارو آهي ۽ اها ڳالهه سڀ ڄاڻن ٿا ته انتها پسند آبادڪار مسجد القصي ويندا آهن ۽ اتي حملا ڪندا آهن.
اسرائيلي آبادڪار اسرائيل – فلسطين تڪرار جي حل ۾ وڏي رڪاوٽ آهن: ترڪ صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی