لنڊن_ 08 فيبروري(اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردگان عالمي برادري جي امداد جي آجيان ڪ??ي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب برطانيا جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ترڪ صدر برطانيا جي وزيراعظم رشي سونڪ سان ٽيليفون تي رابطي دوران برطانيا پاران يڪجهت?? تي ان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ شروعاتي هنگامي رد عمل لا??ِ عالمي امداد جي آجيان ڪ??ي. برطانيا جي وزيراعظم ترڪ صدر سان تعزي?? جو اظهار ڪندي تصديق ڪئي ته ترڪ حڪومت جي درخواست تي 77 برطانوي ريسڪيو ماهر ترڪيه پهچي ويا آهن، ٽيليفون تي رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن پاڙيسري ملڪ شام جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،رشي سونڪ اتر اولهه شام ۾ سرحد تي انساني همدردي جي سنگين صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪيون ، واضع رهي ته روس سميت ڪيترائي ملڪ اڳ ئي پنهنجون امدادي ٽيمون ترڪيه موڪلي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر