حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سياحت جي شعبي جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم


APP59-181121 ISLAMABAD: November 18 – Chief Minister KPK Mahmood Khan called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سياحت جي شعبي جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صحت ڪارڊ جي فراهمي سان عوام کي معياري علاج جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن خاص طور تي سياحت جي فروغ جي لاءِ جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پلان، ٻيلن جي تحفظ جي لاءِ قدمن ۽ صوبي ۾ جاري انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ صحت ڪارڊ ۽ ان سان عوام جي بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن

متعلقہ مضامین