اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ??اب??نه گُم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي ڏسڻ ۽ ان ??سئلي کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. اها ڳالهه ڊپٽي اٽارني جنرل جاويد اقبال گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 6 رڪني آئيني بينچ آڏو دليل ڏيندي ڪئي. هن عدالت آڏو گذارش ڪئي ته گُم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي وفاقي حڪومت کي ڳڻتي آهي. حڪومت ان ??عاملي کي ڏسڻ ۽ سفارشون ڏيڻ لاءِ ??اب??نه جي ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. حڪومت صاف نيتي سان ان ??سئلي کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ چاهي ٿي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪيس ۾ وفاق، گهرو وزارت ۽ ٻين ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ته هو ايندڙ هفتي ٻُڌڻيءَ تي پنهنجون رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪن. جسٽس جمال خان ??ندوخيل ٻُڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏنا ته هي انتهائي اهم ڪيس آهي، هزارين ماڻهن جي گُم ٿيڻ جا اطلاع آهن ۽ ها??ِ ڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. بئريسٽر اعتزاز ۽ لطيف کوسه جهڙا سياستدان ??تي عدالت ۾ موجود آهن. ان ??سئلي کي پارليامينٽ ۾ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته عدالت چيو ته اهڙيءَ طرح جي سنگين مسئلي کي بنا ڪارروائيءَ جي صرف لفظن ذريعي حل نٿو ڪري سگهجي. جسٽس محمدعلي مظهر، اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته ج??ري گمشدگي تي جاچ ڪميشن گهڻن گُم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو آهي؟ جسٽس حسن اظهر رضوي پُڇاڻو ڪيو ته ج??ري گمشدگي تي جاچ ڪميشن وٽ ڊيٽا موجود آهي، گم ٿيلن جي ذميوارن بابت ڊيٽا ڇا ٿي چوي؟ بازياب ٿيل ماڻهو پنهنجي اغوا ڪندڙن بابت ڇا چون ٿا؟ جسٽس جمال مندوخيل جبري گمشدگي جي ڪجهه اڳوڻن واقعن طرف اِشارو ڪندي چيو ته ڪجهه گُم ٿيل ماڻهن بازياب ٿيڻ کانپوءِ چيو ته گم نه ٿيا آهن ۽ آرام ۽ تفريح لاءِ اُترين علائقن ۾ آهن. جسٽس مسرت هلالي اي ايس سي لطيف کوسه کي مخاطب ٿيندي سوال ڪيو ته توهان جي پارٽيءَ جا ماڻهو به گُم ٿي ويا، واپسيءَ تي اغوا ڪندڙن بابت انهن جو ڪهڙو بيان ??و؟ لطيف کوسه عدالت کي جواب ڏنو ته جيڪڏهن هو ڳالهائيندا ته سندن ٻار اغوا ٿي ويندا. جسٽس نعيم افغان بلوچستان ??ا??ِ ڪورٽ جي هڪ ڪيس جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ عدالت 25 وڪيلن کي هدايت ڪئي هئي ته هو واپس آيل گم ٿيل ماڻهن جي گهر وڃن، جڏهن ته ڪوبه عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار نه هو. جسٽس مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ج??ري گمشدگي جي مسئلي جو حل اهو آهي ته سمورا اسٽ??ڪ هولڊرز گڏجي ويهي ڪو رستو ڪڍن. عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي ايندڙ هفتي لاءِ ملتوي ڪندي وفاق ۽ گهرو وزارت کي معاملي تي تازي رپورٽن لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
وفاقي ڪابينه گُم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي ڏسڻ ۽ ان مسئلي کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي: ڊپٽي اٽارني جنرل جا سپريم ڪورٽ ۾ دليل
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ