اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) وفاقي گھرو وزير مح??ن نقوي چيني سفارتخاني ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ملاقات ڪئي جنھن ?? ھن ڪراچي ۾ گارڊ جي فائرنگ سبب ٻن چيني شھرين جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي افسوس جو اظھ??ر ڪيو ۽ زخمي چيني شھرين ۽ سندن گھرڀاتين سان دلي ھمدردي جو اظھ??ر ڪيو. گھرو وزير مح??ن نقوي واقعي جي تفصيلن ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي بابت چيني سفير کي آگاهه ڪيو. گھرو وزارت جي ت??جمان مطابق گھرو وزير مح??ن نقوي چين جي سفير، چيني حڪومت ۽ زخمي چيني شھرين جي گھرڀاتين سان مڪمل يڪجھتي جو اظھ??ر ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي آھي. سندس چوڻ آھي ته اسان ترقي ۽ سيڪيورٽي کي جامع ڪرڻ جي چيني ت??ور سان پوري طرح متفق آھيون، چيني شھرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ اسان جي پھرين ترجيح آھي. گھرو وزير مح??ن نقوي چيو ته سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي لاءِ سمورن امڪاني قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بھتر ۽ مضبوط پڻ بڻائي رھيا آھيون ته جيئن چيني شھرين لاءِ محفوظ ۽ پرامن ماحول کي يقيني بڻائي سگھون. گھرو وزير چيو ته اسان ڪراچي واقعي ۾ ملوث ڏوھارين کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ بيھارينداسين، پاڪستان ۽ چين مضبوط ۽ پائيدار شراڪتدار آھن. ملاقات دوران ايندڙ وقت ۾ اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ٿيو. چيني سفير چيو ته گڏيل ڪوششن سبب پاڪ چين دوستي مسلسل بلندي ڏانھن وڃي رھي آھي ۽ عملي سھڪار ۾ جامع اڳڀرائي ٿي آھي، ان روشني ۾ ھڪ محفوظ ۽ مستحڪم سھڪار جو ماحول انتھائي اھم آھي. ھن چيو ته چين ٻطرفي سيڪيورٽي ت??اون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪستاني ادارن جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ تيار آھي. چيني سفير چين جي وزيراعظم جي پاڪستان دوري جي موقعي تي شاندار انتظامن تي گھرو وزير مح??ن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو. چيني سفير صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صحت بابت پڻ پڇيو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواھشن جو اظھ??ر ڪيو. چيني سفير ٻڌايو ته چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي صدر کي خط لکي نيڪ خواھشن جو اظھ??ر ڪيو آھي. وفاقي گھرو سيڪريٽري ۽ چيني سفارتخاني جا عملدار پڻ ان موقعي تي موجود ھئا.
وفاقي گھرو وزير جي چين جي سفير سان ملاقات، ڪراچي ۾ زخمي ٿيل چيني شھرين جي گھرڀاتين سان يڪجھتي جو اظھار
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن