راولپنڊي-04 نومبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي گورنر ??يصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ نه صرف صوبي پر ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ضروي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه راولپنڊي چيم??ر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري طرفان پنهنجي اعزاز ?? ڏنل استقباليه کي خطاب دوران ڪيو. تقريب کي چيم??ر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي صدر عثمان شوڪت، اڳوڻي صدر ارشد مشهدي، وومن چيم??ر آف ڪامرس جي صدر قرة العين ۽ ٻين عهديدارن پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. گورنر چيو ته ڪي پي ڪي جي وچ ايشيا سان واپار جي ستن روٽن مان اسان کي فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته تاجڪستان بندر عباس کان واپار ڪري ٿو، جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ گوادر سان هو ڳنڍيل هجي ها ته ان کي گهٽ وقت ۾ عالمي مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ٿيندي ۽ اسان کي به معاشي فائدو ٿيندو. قيمتي پٿ??ن جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ ڪي پي ڪي ۽ پشاور ۾ آهي، دنيا اسان سان واپار ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪي پي ڪي ۾ بدقسمتي سان امن امان جي صورتحال ان جي راهه ۾ رنڊڪ آهي. هن چيو ته پشاور ۽ گورنر ??ائوس جا دروازا سڄي ملڪ جي ڪاروباري طبقي لاءِ کُليل آهن، منهنجو سهڪار اوهان سان گڏ آهي. هن راولپنڊي وومن چيم??ر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ميمبرن کي دعوت ڏني ته هو ڪي پي ڪي وومن چيم??ر آف ڪامرس سان سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪن، گورنر ??ائوس ان سلسلي ۾ اوهان جو ساٿ ڏيندو. هن چيو ته پشاور ۾ ايڪسپو سينٽر بڻائڻ جي حوالي سان مان واپار واري وزارت جو ٿورائتو آهيا??، ان سان صوبي جي سُڃاڻپ روشن ٿيندي. واپاري اڳواڻن ملڪ جي ترقي ۾ پ پ جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيو، هن معاشي ترقي جون ڪيتريون ئي تجويزون پڻ پيش ڪيون.
ڪي پي ڪي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ نه صرف صوبي پر ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ضروي آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha