اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??در آصف علي زردار?? سعودي عرب سان معيشت، واپار، دفاع، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ پنهنجي قومن جي ترقي، مسلمان امت جي اتحاد سميت خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ??در اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي 94 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي مقامي هوٽل ۾ سعودي سفارتخاني پاران منعقد آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي گورنرز ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ کانسواءِ وفاقي وزيرن، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي، غيرملڪي سفارتڪارن، سعودي شهرين، معززين ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. ??در آصف علي زرداري خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ سعودي عرب جي عوام کي قومي ڏينهن جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻئي ڀائر ملڪ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا رکن ٿا ۽ انهن مشڪل وقت ۾ سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو ??هي. ??در آصف علي زرداري ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن ۽ سعودي عرب جي ترقي کي ساراهيندي چيو ته ولي عهد جا جرئتمنداڻا قدم سعودي عرب کي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪندا. ??در تبديلي جي سفر ۾ سعودي عرب جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ??در سعودي عرب پاران پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ اٽڪل 27 لک پاڪستانين جي ميزباني تي ٿورا مڃيا جيڪ?? سعودي عرب جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ??در چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي قومن جي ترقي، مسلمان امت جي اتحاد ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ان کان اڳ تقريب جي شروعات پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قومي ترانن جي ڌُن سان ٿي. ان موقعي تي ??در سعودي عرب جي سفير ۽ ٻين مهمانن سان گڏ سعودي عرب جي 94 هين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. تقريب ۾ ??در پيرس اولمپڪس جي گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي غلاف ڪعبه تحفي طور پيش ڪيو.
صدر آصف علي زرداري پاران سعودي عرب سان معيشت، واپار، دفاع، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ