اسلام آباد-28 آگسٽ(اي پي پي) مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وز??ر عبدالعليم خان چيو آهي، ته ڪراچي کان سکر ۽ سيالڪوٽ، کاريان کان اسلام آباد جا موٽرويز اول??ن ترجيح آهن. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي نون شاهراهن تان وڌ کان وڌ ناڻو گڏ ٿيڻ گهرجي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي مستقبل ۾ مالي لحاظ کان مستحڪم ۽ خودمختيار هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وز??ر نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران بريفنگ دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وز??ر کي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وز??ر عبدالعليم خان چيو ته ڪراچي کان سکر ۽ سيالڪوٽ،کاريان کان اسلام آباد جا موٽر ويز اول??ن ترجيح آهن. انهن ٻنهي ۽ سمورن نون موٽر ويز کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن لائينن ۾ تعمير ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 6 لائينن کي ٻه طرفا موٽر ويز کان گهٽ ڪا به نئين موٽر وي تعمير نه ٿيندي.هن چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي نين شاهران تان وڌ کان وڌ ناڻو گڏ ڪرڻ گهرجي. وفاقي وز??ر هدايتون جاري ڪندي چيو ته موٽر و??ز تي ايڪسل لوڊ جي پابندي سختي سان يقيني بڻايو وڃي، ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي مان ڪرپٽ ۽ نا اهل عملي کي فارغ ڪيو ويندو، عملي جي ڪارڪردگي کي وڌايو ويندو. هن چيو ته جتي ناڻي وصولي ۾ مسئلا ٿيندا اتي ٽول ڪليڪشن خانگي شعبي حوالي ڪئي ويندي. هڪ سال ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پنهنجي ناڻي وصولي جو نئون هدف طئي ڪري، صرف حڪومت ۽ ٻين ادارن مان وڏا فنڊ وٺڻ ۽ انهن کي خرچ ڪرڻ ڪا ڪمال جي ڳال??ه نه آهي، ان موقعي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته اين ايڇ اي جي 57 سيڪڙو شاهراهن تان رڳو 13 سيڪڙو ٽول ٽيڪس ملي ٿو. بريفنگ دوران وفاقي وز??ر کي ٻڌايو ويو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي مستقبل ۾ مالي لحاظ کان مستحڪم ۽ خودمختيار ٿيڻ گهرجي، آمد رفت جا ذريعا بهتر بڻائڻ اول??ن ترجيح آهي، موجوده گهرجن موجب بزنس ماڊل هجڻ گهرجي.وفاقي وز??ر هدايت ڪندي چيو ته اين ايڇ اي ۾ نئين سوچ آڻڻي پوندي، ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪن ۽ پئسو ڪمائين.
ڪراچي کان سکر ۽ سيالڪوٽ،کاريان کان اسلام آباد جا موٽر ويز اولين ترجيح آهن: مواصلات جو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil