ڪوئيٽا -23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود خان چيو آهي، ته موجوده حڪومت بلوچستان جي زخمن تي مرهم رکي ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ معاشي استحڪام لاءِ پرعزم آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن بلوچستان پاڪستان جو ترقي يافته صوبو هوندو. اتحاد ۽ اتفاق سان بلوچستان کي دنيا لاءِ رول ماڊل بڻائينداسين، پي پي اي ايف جا بلوچستان ۾ غربت ۾ گهٽتائي ۽ معاشي سرگرمين لاءِ ٺوس قدم تحسين جوڳا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن ٻهراڙي جي خوشحالي لاءِ جٽادار ترقي تحت ميچنگ گرانٽس جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تع??يم واري صوبائي وزير راحيله حميد دراني، پاڪستان پاورٽي اويليوايشن فنڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو، قومي ورثه ۽ ڪلچر ڊويزن جي ايڊوائيزر، ايم پي ايز ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ عملدار به موجود هُئا. راڻا مشهود خان چيو ته بلوچستان جي نوجوانن ۾ جيڪا تعمير، اڳيان وڌڻ، پنهنجي جڳهه ٺاهڻ جو جذبو ڏٺو، هي اهو ئي جذبو آهي جيڪو قومن کي اڳيان وڌائيندو آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن بلوچستان پاڪستان کي ليڊ ڪندو. هن چيو ته موجوده حڪومت بلوچستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ مخلصا??يو?? ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته وقت جي ضرورت آهي، ته اسان سڀئي گڏهي اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪيون، بلوچستان جي کجور، انگور سميت ٻي مصنوعات جي ايڪسپورٽ ۽ صوبي جي ماڻهن جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ وفاق?? حڪومت اسلام ??با?? ۾ هڪ عالمي ايڪسپو منعقد ڪندي ته جيئن بلوچستان جي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ تائين پهچائي سگهجي. بلوچستان معدنيا سان مالا مال آهي، نيوٽڪ سان گڏ معدنيات جي ح??ال?? سان تربيت فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سولرائزيشن منصوبي تحت بلوچستان جي زميندارن کي پئڪيج ڏئي رهيا آهيون، وزيراعظم يوٿ قرض پروگرام تحت بلوچستان لاءِ خاص فيسليٽيشن سينٽر ٺاهينداسين ته جيئن بلوچستان جا نوجوان وڌ کان وڌ فائدو کڻي سگهن. سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف هڪ مهم هلائي پئي وڃي. اهو افسوسناڪ آهي، اسان جو دشمن اسان کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، جهانزيب خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گراسپ منصوبي جو مقصد معاشري جي پيٺل طبقن کي معاشي سرگرمين ذريعي غربت جي لڪير کان مٿي آڻڻو آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائ?? حڪومت، يورپي يونين ۽ پي پي اي ايف جي تعاون سان 42000 ايس ايم ايز سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. صوبي جي 169 ??با??گارن کي ميچنگ گرانٽس تحت 25 لک کان 3 ڪروڙ جي گرانٽس ڏني وئي جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ 210 ??با??گارن کي گرانٽس ڏني ويندي. هن چيو ته گراسپ منصوبي تحت صوبائ?? حڪومت جي 700 آفيسرن ۽ ماتحت عملي ۽ 1500 ??با??گارن کي ڪاروباري موقعن جي ح??ال?? سان تربيت فراهم ڪئي جڏهن ته 30 ??با??گارن پنهنجي مصنوعات سان گڏ عالمي ايڪسپوز ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته بلوچستان جي کجور، انگور ۽ چوپائي مال جي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي لاءِ 12 پاليسيون جمع ڪرايون آهن.
حڪومت بلوچستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ پرعزم آهي: راڻا مشهود احمد
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں