اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله ??ارڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي سوشل ميڊيا تي تصديق جي عمل کي اختيار ڪر?? گهرجي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪم??شن جي پوليٽيڪل قونصلر مس زوئي ويئر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. مس زوئي ويئر مسلم ليگ (ن) کي حڪومت ٺاهڻ ۽ عطاءُ الله ??ارڙ کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن، ميديا جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز پوري دنيا جو مسئلو آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي سوشل ميڊيا تي تصديق جي عمل کي اختيار ڪر?? گهرجي. هن چيو ته سوشل ميڊيا بابت پوري دنيا کي گڏجي ضابطه اخلاق تيار ڪر??و پوندو. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊراما جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مس زوئي ويئر پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی